حجاب امتياز علي

حجاب امتياز علي

حجاب امتياز علي

حجاب امتياز علي: اردوءَ جي نامور ليکڪا، ناول نگار، افسانه نگار، ڊرامـا نـويـس ۽ مترجم، حجاب امتياز علي ڌيءَ نواب سر محمد اسماعيل، 4 نومبر 1908ع تي حيدرآباد دکن ۾ پيدا ٿي. سندس والد دکن جو پهريون سيڪريٽري هو ۽ سندس والده عباسي بيگم پنهنجي دؤر جي نامور ليکڪه هئي. حجاب امتياز علي عربي، اردو ۽ موسيقيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ لکڻ جي شروعات مختلف ادبي رسالن ۾ افسانا، ناول ۽ ڊراما لکڻ سان ڪئي. ابتدا ۾ ’حجاب اسماعيل‘ جي نالي سان لکندي هئي. سندس ناول ۽ افسانا گهڻو ڪري ’تهذيب نسوان‘ رسالي ۾ شايع ٿيندا هئا، جنهن جو ايڊيٽر سندس مڙس امتياز علي تاج هو. فلائينگ ڪلب جي ميمبرشپ حاصل ڪرڻ کانپوءِ کيس برصغير جي پهرين هوا باز خاتون جو اعزاز حاصل ٿيو. سندس شايع ٿيل ناولن ۾ ’ظالم محبت‘، ’اڌورا‘ ۽ ’پاگل خانه‘، جڏهن ته افسانن ۾ ’نا تمام محبت‘، ’ممي خانه‘، ’ڪالي حويلي‘، ’لاش‘ ۽ ’هيبت ناڪ افسانه‘ شامل آهن.
حجاب امتياز عليءَ 17 مارچ 1999ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي.


لفظ حجاب امتياز عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1908.11.04  عيسوي

اردوءَ جي نامور ليکڪا، ناول نگار، افسانه نگار، ڊرامـا نـويـس ۽ مترجم، حجاب امتياز علي ڌيءَ نواب سر محمد اسماعيل، 4 نومبر 1908ع تي حيدرآباد دکن ۾ پيدا ٿي.


1999.03.17  عيسوي

حجاب امتياز عليءَ 17 مارچ 1999ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمال رند
سنتداس پنهون مل ڪشناڻي
حميد ابڙو
حيدر بخش عزيز گوپانگ
شمس الدين عرساڻي ڊاڪٽر
خالد چانڊيو
عبدالقدير ڪاڃون
جميلا هاشمي 1
عبدالجبار عابد لغاري
رضا علي عابدي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون